کپرو/ورڪشاپ: چوٽياريون ڊيم کي چائنا جي گائيجي ڪمپني کي ڊيم جا بند ٺاهڻ لاءِ ٺيڪو ڏنو ويو هو پر ڪمپني به ناقص ڪم ڪيو، ڊيم جي هڪ طرف کان بند ٻڌي پٿر سان پيچنگ ڪئي وئي جيڪا هنڌان ھنڌان اکڙي وئي، سروي دوران ڏٺو ويو ته رانٽون ڪئنال جي ڊيم ۾ ڇوڙ واري هنڌ کان پمپنگ اسٽشن ۽ زيرو پوائينٽ تائين  ڊيم ۾ هن وقت پاڻي به نه آھي، سم جي  زهريلي پاڻي جا دٻا موجود آھن ، لئي جي وڻ جو ججهو تعداد آھي جنهن کي وڍي ماڻھون وڪرو ڪري پيٽ پالين ٿا، ڊيم جو اندريون حصو پٿرن سان ٻڌل نه هئڻ سبب سمورو وارياسو علائقو به سم جي ور چڙهي ويو.