هوبي(انٽريسٽنگ نيوز) چين جي شهر هُوبي جي اڏاوتي علائقي ۾ وڏين مشينن جي منظر هڪ معجزه طور نظر اچي رهيو آهي، ۔ جتي سويهن ننڍڙا اڏاوتي ڪم دوران پکين ان جاءِ تي پکين قبضو ڪري ورتو. ڦڪي رنگ جي وارياسي جبل مارٽنگ هيچلنگ ۾ پکين ٻِر ٺاهي رهائش اختيار ڪري ورتي. ان حوالي سان منظر سوسل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي جتي هزارن جي تعدد ۾ ٻِرون ٺهيل آهن جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه پکي ويٺل نظر اچن ٿا، جڏهن ته اوتري ئي تعداد ۾ ٻيا پکي وري مختلف جاين تان چُڳي ٻچن لاءِ چنهب ۾ داڻو کڻي انهن کي چڳائڻ اچي رهيا آهن. تصوير ۾ نظر ايندڙ جھرڪي جيترا پکي ابابيل لڳن ٿا. پکين کي ايڏي تعداد ۾ ڏسي ڪمپني اڏاوتي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڄاڻايل 50 ميٽر علائقي کي پکين لاءِ محفوظ ماڳ طور ڇڏيو ويو آهي. رضاڪار ڏينهن رات اتي چوڪس بيٺا آهن جيڪي ان انتظار ۾ آهن ته پکين جا ٻچا وڏا ٿين ۽ اهي اڏامڻ جهڙا ٿين ته جيئن اتي ڪم شروع ڪري سگهجي.