بيجنگ(م ڊ) چيني حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هو ڏهه اپريل کان آمريڪا مان درآمد ٿيندڙ سمورين شين تي 34 سيڪڙو جوابي ٽيڪس لاڳو ڪندو. چين 11 آمريڪي ڪمپنين کي “غير معتبر ادارن” جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جنهن سان اهي چين ۾ ڪاروبار نه ڪري سگهنديون، جڏهن ته آمريڪي ٽيرف خلاف ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، هن ڀيري چين آمريڪا خلاف ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ شديد ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته چين رڳو مخصوص آمريڪي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بدران سمورين درآمد ٿيندڙ شين کي نشانو بڻايو آهي. چين جي رياستي ٽيرف ڪميشن جوابي ردعمل طور آمريڪي شين تي به 34 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان تي ڏهه اپريل کان عملدرآمد ڪيو ويندو، آمريڪا جي زرعي واپار کي هڪ وڌيڪ ڌچڪو رسيو، چيني ڪسٽمز اناج جي برآمد ڪندڙ سي اينڊ (آمريڪا) کان جوئر جي درآمد سان گڏ ٽن آمريڪي فرمن سان پولٽري ۽ بون ميل جي درآمد تي فوري طور تي معطلي لاڳو ڪئي وئي.