واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غير منصفاڻي واپاري توازن تي ڪو ملڪ ٽيرف کان نه بچندو. هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته خاص طور چين ٽيرف کان نه بچندو، جيڪو اسان سان بدترين ورتاءُ ڪندو آهي ۽ ايران بابت به جلد فيصلو ڪنداسين. واضح رهي ته ان کان اڳ چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو هو ته هو جوابي ٽيرف جي پاليسي کي مڪمل طور ختم ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو مقصد آمريڪا ۾ رهندڙ وڌ ۾ وڌ غيرقانوني پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ چاهيان ٿو.