ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، 14 هزار ڪلو گرام کلون ضبط، ڪسٽم اختيارين موجب ڪسٽم ٽيم سائوٿ ايشيا پاڪستان پورٽ ٽرمينل تي ڪارروائي دوران چين لاءِ بوڪ ٿيل ڪنٽينر مان گڏهن جون کلون هٿ ڪيون ڪنٽينر چين جي wow Trading ڪمپني لاءِ بوڪ ڪرايو ويو هو، ٻڌايو پي ويو ته ڪنٽينر ۾ چمڙي جون مصنوعات آهن، انهي ڪنٽينر کي سامونڊي جهاز ۾ لوڊ ڪرڻ جي اجازت پڻ ملي چڪي هئي، ڪنٽينر جي تلاشي دوران گڏهن جون کلون مليون، جن کي چمڙي جي مصنوعات جي آڙ ۾ چين اسمگل ڪيو پي ويو، ايڪسپورٽ پاليسي تحت گڏهن جون کلون ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي لڳل آهي. ڪسٽم اختيارين موجب گڏهن جي کلن جي ماليت 8 ڪروڙ رپيا آهي، کلون ضبط ڪري ڪسٽم هائوس منتقل ڪيون ويون آهن.