آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ شروع ٿيل واپاري جنگ هاڻ پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ، چين پاران آمريڪي شيون تي ٽيرف وڌائڻ جي جواب ۾، هاڻي چيني درآمدات تي فوري طور 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ٻين ملڪن لاءِ ٽيرف جو بار 90 ڏينهن لاءِ هٽائي ڇڏيو آهي. جنهن ان اها ڳالهه واضح ٿي سامهون آئي آهي ته آمريڪا جو نشانو صرف ۽ صرف چين آهي. پاڪستان هڪ اعليٰ سطحي وفد ٽيرف جي حوالي سان ڳالهين لاءِ آمريڪا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪا ۽ چين ۾ واپاري جنگ سڄي دنيا جي ملڪن کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اها صورتحال عالمي ڪساد بازاري (Recession) جي طرف وٺي ويندي. روزگار جا موقعا گهٽ ٿيندا ۽ مهانگائي وڌندي. ڪيتريون ئي صنعتون متاثر ٿينديون ۽ ان جا اثر صرف آمريڪا يا چين تائين محدود نه هوندا، پر پوري دنيا تي محسوس ڪيا ويندا.
واپاري جنگ لاءِ آمريڪا ۽ چين سِڱ ڦاسائي ويٺا آهن. عالمي ٽريد آرگنائيزيشن ان سڄي صورتحال ۾ ڪو اثرائتو ڪردار ادا نه پئي ڪري. سڄي دنيا کي غيريقيني وڪوڙي وئي آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا”. اها چوڻي موجوده صورتحال تي ٺهڪي اچي ٿي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته واپاري جنگ جو ڪو به فاتح نه ٿيندو آهي. آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي کي ته نقصان پهچائيندا، پر ڪنهن کي به ان مان خاص فائدو حاصل ٿيڻ مشڪل آهي. انگن اکرن موجب، ٻنهي ملڪن جي معيشت دنيا جي مجموعي معيشت جو 43 سيڪڙو حصو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اها واپاري جنگ جاري رهي ته ان مان وڏي ڪساد بازاري جو خطرو آهي. ان دوران ماڻهن جي خريداري جي سگهه گهٽجي ويندي ۽ پيداوار جي صلاحيت متاثر ٿيندي. آمريڪا، چين جي طرفان 84 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ کانپوءِ چيني درآمدات تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي شرح سان آمريڪا لاءِ چيني شيون درآمد ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ٿي پوندو. ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مهانگائي اقتصادي بحران جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ان واپاري جنگ دوران فقط آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ نه، پر ٻين ملڪن ۾ به ٽيرف لڳائڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي. ڪينيڊا جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا جي 25 سيڪڙو ٽيرف جي جواب ۾ لاڳو ڪيل جوابي ٽيرف آمريڪي شين تي لاڳو ٿيندو. ٻئي پاسي، يورپي يونين به آمريڪا جي 20 سيڪڙو ٽيرف جي جواب ۾ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 90 ڏينهن تائين ٽيرف ۾ وقفي واري اعلان کانپوءِ هاڻي اهو واضح ٿي چڪو آهي ته آمريڪا جو صدر به مجبور ٿي تسليم ڪري چڪو آهي ته هو سڄي دنيا کان هڪ ئي وقت واپاري جنگ نٿو کٽي سگهي. چين تي ٽيرف جي شرح 125 سيڪڙو ڪرڻ سان چين لاءِ آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ناممڪن ٿي وئي آهي. هاڻ چين کي پنهنجي شين لاءِ متبادل مارڪيٽون ڳولڻيون پونديون. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جلد ڪنهن مفاهمت تي نه پهتا، ته ان جا اثر عالمي معيشت تي پوندا ۽ ڪساد بازاري وڌي ويندي. صنعتون تباهه ٿينديون، مهانگائي وڌي ويندي ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستان کي ان واپاري جنگ جو ٻارڻ ٿيڻ بدران نوان رستا ڳولڻ گهرجن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “جيري ڪاڻ ٻڪري ڪُهڻ” واري پاليسيءَ تي هلي رهيو آهي. هو چين کي نقصان پهچائڻ لاءِ ٻي سڄي دنيا کي تباهيءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلائي رهيو آهي. اها مهم جوئي آمريڪا لاءِ به بهتر نتيجا نه آڻيندي. اڳ ۾ ئي سڄي دنيا جي معيشت ڪورونا واري جهٽڪي کان پوءِ ويهي رهي هئي. هاڻي معيشت مس مس وڃي ساهه پٽيو آهي ته چين ۽ آمريڪا ۾ واپاري جنگ شروع ٿي وئي آهي، جيڪا جنگ دنيا جي معيشت کي گوڏن ڀر ويهاري سگهي ٿي. ان ڪري ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO) ۽ گڏيل قومن جي اداري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته معاشي جنگ ائٽمي جنگ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان ڪري ٻنهي ملڪن کي ڏاهپ ۽ تدبر کان ڪم وٺڻ گهرجي.