بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جو هڪ شادي شده جوڙو، جن جا پهرين ئي 9 ٻار آهن، 3 وڌيڪ ٻارن جي خواهش رکي ٿو، ته جيئن هر ٻار چيني زائچي جي 12 نشانن جي نمائندگي ڪري سگهي، ساڍا پنج ڪروڙ ڊالر ڪمائيندڙ ان جوڙي جو مڃڻ آهي ته “وڌيڪ ٻارن جو هجڻ برڪت جو سبب آهي.” سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب مشري چين سان تعلق رکندڙ 33 سالن جي ٽائن ڊونگشيا 2008 ع ۾ پنهنجي مڙس زائو وينلونگ سان ملي ۽ ٻه سالن بعد شادي ڪئي، زائو هڪ پاور سپلائي ڪمپني جو باني ۽ سي اي او، جڏهن ته ٽائن ڪمپني جي جنرل مينيجر آهي، جوڙي وٽ پهرين اولاد ڌيءُ جي صورت ۾ 2010ع يعني ٽائيگر جي سال ۾ ٿي، ان کانپوءِ سندن گهر 8 ٻار پيدا ٿيا، جن مان 2 جاڙا پٽ به شامل آهن، انهن جو سڀ کان ننڍو پٽ نومبر 2022ع ۾ پيدا ٿيو، سندن پنج پٽ ۽ چار ڌيئر چيني ڪيلينڊر جي ست نشانن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنجن جي نمائندگي ڪرڻ اڃا باقي آهي، جن نشانن ۾ ڍڳو، سيهڙ، نانگ، گهوڙو ۽ رڍ شامل آهن، ٽائن (جيڪا پنهنجي ڏهين ٻار جي تياري ڪري رهي آهي) ان ٻڌايو ته اها چاهي ٿي ته چيني زائچي جي 12 نشانن مان هر نشان جو هڪ ٻار هجي.