اسلام آباد: وفاقي وزير احسن اقبال اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي جواب ڏيندي چيو آهي ته چيني ورڪز خلاف 6 واقعن مان 5 واقعا پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيا، پي ٽي آءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، احسن اقبال سوشل ميڊيا تي واقعن جا تفصيل جاري ڪندي لکيو ته نومبر 2018ع  ۾ ڪراچي چيني قونصليٽ تي حملو ٿيو، اپريل 2021ع ۾ ڪوئيٽا ۾ چيني سفير کي نشانو بڻائڻ لاءِ خودڪش حملو ڪيو ويو، جولاءِ 2021 تي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو جنهن ۾ 9 ورڪرز مارجي ويا، آگسٽ 2021ع تي گوادر ۾ چيني ورڪرز تي حملو ٿيو، اپريل 2022ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ خودڪش حملو ٿيو، اهي سڀ واقعا پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيا.

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر قادر پٽيل عمر ايوب کي جواب ڏيندي پي ٽي آءِ مٿان تنقيد ڪئي، هن چيو ته نيب قانون ۾ ترميمن سان فائدو کڻندڙن جا نالا کنيا ويا پر ماڻهو ڊراءِ ڪلين ٿي پي ٽي آءِ ۾ آيا انهن جا نالا نه ٻڌايا ويا، هتي سلائي مشين، دوائن تي ڪيس ٺاهڻ جا معافي نامن جو ذڪر به ضروري هو، جنهن کي چپڙاسي به نه رکڻ جو چوندا هئا ان کي گهرو وزير بڻائي ڇڏيو.