چيني عورت امير مردن کي محبت ۾ ڦاسائڻ جي نارين کي سکيا ڏيڻ تي اربين رپيا ڪمائڻ لڳي

0
488
چيني عورت امير مردن کي محبت ۾ ڦاسائڻ جي نارين کي سکيا ڏيڻ تي اربين رپيا ڪمائڻ لڳي
چيني عورت امير مردن کي محبت ۾ ڦاسائڻ جي نارين کي سکيا ڏيڻ تي اربين رپيا ڪمائڻ لڳي

بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا نارين کي سيکاري ٿي ته امير مردن سان مجھبت ڪري شادي ڪيئن ڪجي

هڪ چيني اخبار موجب لي چوانڪو نالي هڪ عورت مبينا طور تي چين ۾ محبت جي گرو جي حيثيت سان هر سال 142 ملين يوان (تقريباً 5.43 ارب رپيا) ڪمائي ٿي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي عورتن کي لاڳاپا ۽ مالي صلاحون فراهم ڪري ٿي

ميڊيا رپورٽن موجب عورت جا سوشل ميڊيا تي به وڏا فالوورز آهن، لي چوانڪو خاص طور تي شادي کي مالي فائدي جو وسيلو سمجهي ٿي ۽ عورتن کي اهو ئي ڪرڻ سيکاري ٿي

پرڏيهي ميڊيا موجب لي چوانڪو جون صلاحون اڪثر تڪرار جو سبب بڻجنديون رهيون آهن ڇو ته ڪيترائي ماڻهو سندس مشوري کي غير اخلاقي يا رومانوي لاڳاپن ۾ خيانت سمجهن ٿا، پرڏيهي ميڊيا موجب، آن لائن وڊيو ملاقات يا تڪراري لو گرو سان مشاورت جي فيس 155 ڊالر کان 1400 ڊالر تائين آهي