سيچوان (انٽرسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ 51 ورهين جي شخص جي وڏي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، جو هن پنهنجي پيرسن ماءُ کي ڪلهي تي کڻي مختلف علائقن جو سفر ڪرايو. شائي اونبين نالي شخص جو تعلق چيني صوبي سيچوان سان اهي ۽ هو روايتي چيني پٽيءَ کي استعمال ڪري پنهنجي معذور ماءُ سان گڏ سفر ڪري رهيو آهي.  هنن ٻنهي چينگدُو جي تاريخي علائقي هوانگلونگزي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي شائي وانبين ٻڌايو ته سندس امڙ هڪ حادثي جي ڪري چئن ورهين کان وهيل چيئر تائين محدود آهي ۽ تڏهن کان کيس  وهيل چيئر سان سفر ڪرڻ ڏکيو محسوس ٿئي ٿو. هڪ عورت سياح ٻنهي جون تصويرون ۽ وڊيو چيني سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون. عورت موجب هوءَ شائي ۽ ان جي امڙ کي نٿي سڃاڻي پر هوءَ شائي وانيبين جي رويي کان تمام گهڻي متاثر ٿي. هن ٻڌايو ته هي شخص پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو مخلص ٿو لڳي، يين آهي ته ايئن پهريون ڀيرو نه آهي جڏهن هوءَ پنهنجي امڙ کي ڪلهي تي کڻي سفر ڪرائي رهيو هجي. هن چيو ته مون وڊيو ان ڪري انٽرنيٽ تي جاري ڪيون جو  ان شخص جي محبت کي ڦھلائڻ چاهيو ٿي. ٻئي طرف شائي وانبين موجب امڙ کي ڪلهي تي کڻي هلڻ هڪ پٽ جو فرض اهي ۽ مون ڪو اهڙو خاص ڪم ناهي ڪيو. هن چيو ته هو جنھن پٽي کي استعمال ڪندو آهي سا اها ئي اهي جنهن تي سندس امڙ ڪجهه سال اڳ پنهنجي پوٽي ۽ پوٽيءَ کي کڻي هلڻ لاءِ استعمال ڪندي هئي. ماءُ کي کڻي سفر ڪرڻ جي ڪري چيلهه ۾ سور ٿئي ٿو پر علاج  ڪرائيو اهي، هن چيو ته ڪيئي ڀيرا ٿڪجي به پوندو آهيان. پر جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته آئون نهنجي امڙ کي تمامگهڻو ڏورانهين علائقي تائين کڻي ويندس ۽ وڌ کان وڌ دنيا ڏيکاريندس.