گوادر (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله گوادر جو دورو ڪيو، گهرو وزير دهشتگردي خلاف ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ گهرو وزير کي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، چيف سيڪريٽري بلوچستان، آءِ جي بلوچستان ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، ان قدمن تي عملدرآمد ۾ هر گز ڪوتاهي نه ڪئي وڃي، چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي مهيا ڪئي وڃي، سي پيڪ تحت سمورن مصنوبن جو هڪ سيڪڙو سيڪيورٽي لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، ان قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، ترجيحي بنيادن تي سيڪيورٽي ادارن ۾ خالي جاين کي ڀريو وڃي، سيڪيورٽي ادارن کي ڀرتي ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله وزيراعظم جي هدايت تي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف شهرين جي دوري تي آهي.