لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته چين جو دورو ڪامياب رهيو آهي دوري دوران گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جو موقعو مليو آهي، صوبي جو عوام انهي دوري جي ثمرن مان فائدو کڻندو. مريم نواز پنهنجي 8 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گوانگ زو پهتي جتي هن وائس گورنر زينگ گوزي سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي وڏي وزير جي اعزاز ۾ خصوصي اسٽيٽ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. پنهنجي پرجوش ميزباني تي مريم نواز ٿورو پڻ ادا ڪيو. هن چيو ته پنجاب جي وفد جي پرجوش آجيان هميشه ياد رهندي. پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي سان اخلاق جي ڏوري سان ٻڌل آهن. چين تاريخ جي هر موڙ تي پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. پاڪستان ۽ چين جو عوام هڪ ٻئي سان جڙيل آهي.