سکر: .چيني انجنيئرن سکر بيراج جي خراب ٿيل ٻن گيٽس مان هڪ گيٽ کي ٻاهر ڪڍي ورتو، پاڻيءَ جي ليول گهٽجڻ بعد گيٽ نمبر 44 ظاهر ٿي پيو، ٽائيم نيوز ايڪسلوزو فوٽيج هٿ ڪري ورتا، آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته چيني انجنيئرز پاران گيٽ 44 کي ڪڍڻ مثبت اڳڀرائي آهي، گيٽ 44 جي مرمت بعد گيٽ 47 کي ٺاهيو ويندو، اسان لاءِ وڏو مسئلو اهو هو ته گيٽ 2 خراب هئا ۽ ڪسان گيٽ رڳو هڪڙو هو، هاڻي ڪسان گيٽ جي مدد سان گيٽ 47 کي به ٻاهر ڪڍي ان جي مرمت ڪئي ويندي، ٻئي گيٽس لڳائڻ بعد ڪينالن کي روڪيل پاڻيءَ جي فراهمي شروع ڪئي ويندي، خراب ٿيل گيٽ تبديل ڪرڻ لاءِ پاڪستان شپ يارڊ، پاڪ نيوي ۽ چين جي انجنيئرز ڪسان گيٽ به تيار ڪري ورتو، ڪيسن گيٽ يا ڪسان گيٽ سان پاڻيءَ جو دٻاءُ روڪي خراب ٿيل گيٽ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو گيٽس جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو، پاڪستان شپ يارڊ، پاڪ نيوي ۽ چين جا انجنيئرز اڄ ٻڌائيندا ته سکر بيراج جا گيٽ تبديل ڪرڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا….