ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي  هٿان چيني ڪمپني سان 11 ڪروڙن جو فراڊ ڪندڙ واپاري گرفتار، ايف آءِ اي اختيارين موجب واپاري سيد ذيشان افضل بلگرامي کي چيني ڪمپني جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو، واپاري سيد ذيشان افضل بلگرامي ۽ چيني ڪمپني جيانگسو پراونشل فارن ٽريڊ ڪارپوريشن وچ ۾ 11 جنوري تي معاهدو ٿيو هو، معاهدي تحت واپاري جي ڪمپني ڊانزو ٽريڊرز کي ڪراچي مان 1500 ميٽرڪ ٽن ڪروم ايسڪ معدنيات چين موڪلڻي هئي، 11 فيبروري تي واپاري پاران موڪليل ڪنٽينر مان معدنيات بدران مٽي ۽ پٿر نڪتا هئا،