آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي سڀاڻي 19 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ نيوزلينڊ وچ ۾ ٿيندي جڏهن ته ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 8 ٽيمن مان ڪيتريون ئي ٽيمون پنهنجن اهم رانديگرن کانسواءِ ميدان ۾ لهنديون. ايونٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي وڏين ٽيمن جا ڪيترائي رانديگر مختلف سببن خاص ڪري زخمي هجڻ سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪا آهن.
چيمپيئن ٽرافي ۾ حصو وٺندڙ 8 ٽيمن کي ٻن الڳ الڳ گروپن ۾ ورهايو ويو آهي اي گروپ ۾ پاڪستان، انڊيا، نيوزلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته بي گروپ ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، سائوٿ آفريڪا ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن.
سڀني ٽيمن پاران ايونٽ جي آغاز کان اڳ ئي 15 رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کي سامهون رکي ٽيمن جي امڪاني ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا. ڪرڪيٽ سان لڳاءُ رکندڙ مداحن لاءَ ممڪن اها خبر حيرت جوڳي هجي ۽ يقين آهي به آسٽريليا، انگلينڊ، آفريڪا ۽ پاڪستان جي هوندي اگر چئجي ته سڀني کان بيلنس ٽيم نيوزلينڊ ۽ انڊين ٽيم آهي ته ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکندڙ چڱن ڀلن مداح کي اهو عجيب لڳي پر سچ اهو آهي.
نيوزلينڊ:
منهنجي نظر ۾ ڪيويز هن ڀيري بلڪل متوازن ٽيم آهي نيوزلينڊ جي حق ۾ سڀ کان سُٺي ڳالهه اها آهي ته وٽس آلرائونڊرن جي ڀرمار آهي جيڪي بيٽنگ سان گڏ بالنگ ۾ به مددگار ثابت ٿيندا. ڊيون ڪانوي سان گڏ ول ينگ يا رچن رويندرا مان ڪو هڪ اوپنگ ڪندو ٽين نمبر تي ڪين وليمسن چوٿين ۽ پنجين نمبر تي ٽام ليٿم، ڊيرل مچل ڇهين ۽ ستين تي بريس ويل ۽ گلين فلپ جهڙو جادوگر ۽ آلرائونڊر پليئر شامل آهن اٺين تي ڪيپٽن مچل سينٽنر آهي مطلب وٽن بالنگ لائين ۾ ٽن فاسٽ ۽ چئن اسپنرن جي صورت ۾ ڪل ست آپشن آهن مطلب ڪيويز بلڪل بيلنس ٽيم آهي اها الڳ ڳالهه آهي ته پلينگ اليون ۾ ردو بدل به ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان:
پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ٽيم ۾ صرف هڪ پراپر اسپنر ابرار احمد کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي ٽيمن پاڪستان ۽ دبئي جي ڪنڊيشنز کي سامهون رکي اسڪواڊ ۾ چار-چار پراپر اسپنر شامل ڪيا آهن پر خبر ناهي پاڪستاني سليڪشن ڪاميٽي ڪهڙي حڪمت عملي تحت اسڪواڊ ۾ صرف هڪ اسپنر کي شامل ڪيو آهي خوشدل شاهه به پارٽ ٽائيم آهي پراپر اسپنر ناهي ڊيٿ اوورن ۾ گهڻيون رنسون ڏيڻ هونئن ئي پاڪ ٽيم لاءِ مسئلو رهيو آهي مٿان وري اسپن ۾ صرف هڪ بال يقين پاڪستاني ٽيم مسئلا پيدا ٿيندا، اگر ٽيم بيٽنگ ۾ پرفارم ڪري به وئي ته بالنگ ۾ مار کائي ويندي انڪري پاڪستاني ٽيم کي يا ته سخت محنت ڪرڻي پوندي يا وري ڪو موجزو ئي ٿئي باقي نه ته پاڪستاني ٽيم اسپن جي کوٽ سبب مليل نقصان تازو ٽراءِ سيريز سڀئي ڏسي چڪا آهيون.
انڊيا:
انڊين ٽيم هر ڀيري ODi فارميٽ جي فيوريٽ سمجهي ويندي آهي، پر هن ڀيري فاسٽ بالنگ ۾ کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، انڊين ٽيم جو فاسٽ بالر جسپرت بمرهه اسڪواڊ جو حصو ناهي ۽ اها انڊين ٽيم لاءِ بُري خبر آهي ڇاڪاڻ جسپرت بمراهه جهڙو بالر پوري ٽيم جو اڌ سمجهيو ويندو آهي ۽ سراج اسڪواڊ ۾ شامل ناهي، محمد شامي چوڏهن مهينن بعد ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي، جنهن کي پراڻي رڌم ۾ واپسيءَ لاءِ وقت گهربل هوندو، ارشديپ سنگهه جنهن تازو ڊيبيو ڪيو آهي، انڊين ٽيم وٽ اسپن ۾ چار تمام سٺا آپشن آهن جيڪي مخالف ٽيمن کي تنگ ڪندا باقي فاسٽ بالنگ ۾ انڊين ٽيم وٽ 2023 واري ورلڊڪپ جهڙو بالنگ يونٽ ناهي پر ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سندس بيٽنگ لائين بلڪل ڀلي ۽ گهڻين ٽيمن کان مضبوط آهي جنهن ۾ ڪپتان روهت شرما، شبمن گل، ورات ڪوهلي، شرياس ائير، ڪي ايل راهول، هارڊڪ پانڊيا، اڪشر پٽيل، روندر جڊيجا تائين وٽن پراپر بيٽنگ لائين آهي جيڪي بمرام جي عدم موجودگيءَ ۾ بالنگ واري امڪاني نقصان جو ازالو بيٽنگ ذريعي ڪري سگهن ٿا.
آسٽريليا:
ڪينگروز هر فارميٽ جي فيوريٽ دلير ۽ ديو ٽيم آهي، پر هن ڀيري فٽنس مسئلن سبب مونجهاري جو شڪار آهي، پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ جهڙا ميچ ونر بالر انجري سبب اسڪواڊ جو حصو ناهن، پر تنهن هوندي به آسٽريلين ڪنهن به ريت ڪمزور ناهن وٽن مضبوط متبادل آهن ۽ ڪينگروز جي اها خاصيت آهي ته هو انڊر پريشر سڀ کان سٺو کيڏندا آهن، اگر هنن جو هڪ شعبو ڪمزور هوندو آهي ته ٻين پاسن کان ايڪسٽرا آڊنري پارم ڪندا آهن، بالنگ جي ڪمي بيٽنگ ۾ ٽريوس هيڊ، اسٽيو سمٿ، گلين ميسويل، جوش انگلس پوري ڪندي مخالف لاءَ موت ثابت ٿي سگهن ٿا.
سائوٿ آفريڪا:
آفريڪي ٽيم لاءِ اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي آهي ته ٽيم ڪامبينيشن ڀلو هجڻ ۽ گروپ اسٽيج ۾ ڪمال جي پرفامنس ڏيندي فيصلائتي مرحلي ۾ پهچي چوڪ ڪري ويندي آهي، اهو ضروري ناهي ته اها روايت سدائين برقرار رهي ۽ هن ڀيري به سندن ٽيم ڪامبينيشن زبردست آهي وٽن سٺي بيٽنگ لائين ۽ بهترين بالنگ يونٽ آهي پر آفريڪي ٽيم جي طاقت ڊيوڊ ملر، ڪلاسين ۽ جانسين جهڙا فنشر بيٽر آهن جيڪي ميچ جو پاسو ڦيرائي سگهن ٿا اگر هڪ به هلي ويو ته پروٽيز جون ڏهه آڱريون گيهه ۾ هونديون.
افغانستان:
وڏن ايوينٽ ۾ افغانين جو شمار ڀلي ننڍين ٽيمن ۾ ٿيندو هجي پر افغاني وڏو اپ سيٽ ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. 2023 وارو ورلڊ ڪپ افغانين نه صرف پاڪستان ۽ انگلينڊ کي هارايو هو پر گذريل سال جون ۾ ٿيندڙ ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ ته دنيا کي ڏندين آڱريون ڏئي سيمي فائنل تائين پهتا هئا. افغانين جي اهڙن اپ سيٽ ۽ وڏين ڪاميابين ۾ وڏو رول سندن اسپن بالنگ يونٽ آهي ورلڊ ڪلاس اسپنر راشد خان، نبي ۽ نور جهڙا اسپنر سدائين مخالفن جي مٿي جو سور بڻيا آهن. هن ڀيري به افغاني ٻين ٽيمن لاءِ سڻڀو گرهه هرگز نه هوندا، بالنگ چوٽيءَ جي اٿن اگر بيٽسمينن بالرن جو ساٿ ڏنو ته افغاني اگلينڊ جي ڪمزورين جو فائدو وٺي کين اپ سيٽ ڪندي سيمي تائين پهچي سگهن ٿا.
انگلينڊ:
سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار انگلش ٽيم آهي سٺي بيٽنگ لائين هجڻ باوجود بٽلر اليون بالنگ ۾ مار کائي ٿي وڃي فاسٽ بالنگ ۾ هي ٽيم جدوجهد ڪندي نظر اچي ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ناممڪن ناهي پر ڪرڪيٽ پنڊتن جي نظر هن انگليڊ ٽاپ فور ۾ نٿي ڏسجي وڌيڪ سندن محنت ٻڌائيندي اگر بالنگ بهتر آندئون ته ٺيڪ نه واقعي چاڙهو ڏاڍو هوندن ڇاڪاڻ ته سندن مک بالر جوفرا آرچر ۽ مارڪ ووڊ گهڻيون رنسون ڏين ٿا ۽ مسلسل وڪيٽون به نه پيا وٺي سگهن اسپن ۾ اڪيلو راشد خان جدوجهد پيو ڪري پر ساڻس ڪو سٺو مددگار اسپنر ناهي اهو ان سلسلي ۾ اسان راءِ غلط ثابت ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ ئي اها واحد راند آهي جنهن ڪجهه به ناممڪن ناهي هوندو ڇاڪاڻ ته بنگالين جهڙيون ڪمزور ٽيمون وڏا اپ سيٽ ڪري دنيا دنيا ڪنديون آهن ته وري هاٽ فيوريٽ ٽيمون خراب پرمانس ذريعي پهرين ڊوڙ ۾ ئي ٻاهر ٿينديون رهيون آهن ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.