لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ ) ايندڙ سال پاڪستان ۾ رٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو تفصيلي شيڊيول سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب،  آءِ سي سي جي اعلان کان اڳ هاڻ چيمپيئنز ٽرافي جو تفصيلي شيڊيول منظرعام تي اچي ويو آهي. تفصيلي شيڊيول موجب، پاڪستان، ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون گروپ اي ۾ شامل آهن جڏهن ته آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ ۽ افغانستان کي گروپ ۾ بي رکيو ويو آهي. ميزبان پاڪستان ٽيم ٽنهي وينيوز لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ گروپ ميچون کيڏندي. چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

 

 

20 فيبروري تي لاهور ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. 21 فيبروري تي ڪراچي ۾ افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ مقابلو ٿيندو، 22 فيبروري تي لاهور ۾ انگلش ٽيم روايتي مخالف آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندي . 23 فيبروري تي لاهور ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ دنگل ٿيندو، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميچ 24 فيبروري راولپنڊي ۾ شيڊيول آهي. 25 فيبروري تي لاهور افغانستان ۽ انگلينڊ ميچ جي ميزباني ڪندو، 26 فيبروري تي راولپنڊي ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. 27 فيبروري تي لاهور ۾ بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ ٿيندي، 28 فيبروري تي راولپنڊي ۾ افغانستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون دوبدو هونديون، جڏهن ته پهرين مارچ تي ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو مقابلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ لاهور ۾ کيڏيو ويندو. 2 مارچ تي ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جي ميچ راولپنڊي ۾ شيڊيول آهي. 5 مارچ تي ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل ڪراچي، 6 مارچ تي ٻيو سيمي راولپنڊي ۾ رکيو ويو آهي، نوَ مارچ تي چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.