لاهور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرمناڪ ڪارڪردگيءَ کانپوءِ پاڪستان ٽيم ۾ وڏي پئماني تي آپريشن ڪلين اپ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ عارضي ڪوچ عاقب جاويد کي هيڊ ڪوچ ۽ محمد يوسف کي بيٽنگ ڪوچ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي ٽيم جي قيادت محمد رضوان وٽ ئي هوندي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم جون واڳون آل رائونڊر شاداب خان کي ڏنيون وينديون. ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي ٽيم مان بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ محمد رضوان کي مستقل نيڪالي ڏيندي نوجوانن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ برقرار رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ امڪاني اسڪواڊ نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ شاداب خان ڪپتان هوندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ محمد حارث، عرفان نيازي، سفيان مقيم، شاهين آفريدي شامل هوندا. ان کانسواءِ عباس آفريدي، جهانداد خان، ابرار احمد، عمير بن يوسف، خوشدل شاهه، حسن نواز، عبدالصمد، حارث رئوف، عثمان خان، حسين طلعت ۽ محمد علي کي به نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ موقعو ڏيڻ جوامڪان آهي.