اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي چيئمپينز ٽرافي جي خرچن جا تفصيل طلب ڪندي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي پي اي سي ۾ گهرائي ورتو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪابينا ڊويزن جي 24-2023 جي آڊٽ رپورٽ غور ڪندي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪابينا ڊويزن جي محڪمانه اڪائونٽس ڪميٽي جوائنٽ سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ڪرائڻ تي پي اي سي سيڪريٽري ڪابينا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  سيڪريٽري ڪابينا چيو ته بطور سيڪريٽري ڪابينا منهنجون گهڻيون ذميواريون آهن، پي اي سي سمورن آڊٽ اعتراضن کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ توشا خاني جي اسپيشل آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ اختيارين چيو ته 2001ع کان 2018ع تائين توشه خانا رولز ۾ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ ترميم ڪئي وئي، سيڪريٽري ڪامران علي افضل چيو ته تازو ئي توشه خانا رولز ۾ ترميم جي ڪابينا مان منظوري ورتي وئي آهي. توشا خانا ايڪٽ 2024 تحت نوان ضابطا جوڙيا پيا وڃن. اڳوڻي ضابطن تحت، تحفا رقم جو 30 سيڪڙو ادا ڪندي رکي سگهجي ٿو.هاڻي توشه خانه ايڪٽ ۾ 100 سيڪڙو رقم ڪئي وئي آهي. نئين ايڪٽ تحت سرڪاري آفيس هولڊر پوري رقم ادا ڪرڻ کان پوءِ به ڪيترن ئي قسمن جا تحفا نٿو رکي سگهي. چيئرمين پي اي سي چيو ته پي اي سي توشا خاني جو 1947ع کان رڪارڊ طلب ڪيو هو. رڪارڊ ميمبرن کي هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ موڪليو وڃي، جيڪي رڪارڊ آرڪائيو ۾ آهن انهن کي به ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو وڃي. ڪابينا سيڪريٽري چيو ته 2002ع کان اڳ جي توشا خاني جا رڪارڊ ڪلاسيفائيڊ آهي. چيئرمين پي ايس چيو ته ڇو ڪلاسيفائيڊ آهي ڇا ايٽم بم جو فارموله تحفه ۾ موڪليو ويو هو؟ ڪابينا سيڪريٽري چيو ته رڪارڊ بين الصوبائي وزارتي ڪميٽي کي ڊي ڪلاسيفائيڊ ڪرڻو آهي، امين الحق چيو ته توشه خاني جو ڪيس به ائين هلي رهيو آهي جئين انڌو پنهنجن ۾ ورهائي ريوڙيون. اجلاس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. پي اي سي چيئرمين پي سي بي، جي غيرموجودگيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪابينا سيڪريٽري چيو ته چيئرمين پي سي بي وٽ ڪيترائي اهم عهدا آهن. فوزيه ارشد چيو ته محسن نقوي پنهنجي عهدن جي تعداد سبب انصاف نه ڪري سگهيو آهي. محسن نقوي جا اضافي عهدا ختم ٿيڻ گهرجن. چيئرمين پي ايس سي چيو ته اوهان ڇا ٿا چاهيو مان باقي ڏينهن جيل ۾ گذاريان؟ ٻڌو آهي ته چيمپئنز ٽرافي ۾ 29 ارب رپيا خرچ ٿيا ۽ آمدني هڪ ارب جي لڳ ڀڳ ٿي. پي سي بي جي چيف فنانس آفيسر چيو ته اهو سچ ناهي، هي ٽورنامينٽ آءِ سي سي جو هو، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي بجيٽ 7 ڪروڙ ڊالر هئي. ميمبر چيو ته اسٽيڊيمز جي مرمت تي پئسا ڪنهن خرچ ڪيا؟ ڪميٽي، چيئرمين پي سي بي جي غير حاضري تي ڪرڪيٽ بورڊ جا سمورا آڊٽ اعتراض ملتوي ڪندي محسن نقوي کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيو ته ڏسجي ته وزيراعظم جي گهرائڻ باوجود نه ايندڙ محسن نقوي پي اي سي جي اجلاس ۾ اچي ٿو يانه، ڪميٽي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي دوران ٿيندڙ خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيرمين ڪميٽي چيو ته نيپرا پرفارمنس آڊٽ تي اعتراض ڪيو آهي. نيپرا موجب انهن وٽ عدالتي اختيار آهن جن جو پرفارمنس آڊٽ نٿو ٿي سگهي. آڊيٽر جنرل پاڪستان چيو ته نيپرا پارليامينٽ جي خودمختياري کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي. نيپرا پرفارمنس آڊٽ خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. پي اي سي جي هدايت تي پرفارمنس آڊٽ لاءِ ويا. اسان سپريم ڪورٽ ويا هئاسين پر قانون واري وزارت اسان کي وڪيل به نه ڏنو. قانون واري سيڪريٽري چيو ته آئين جي آرٽيڪل 170 ۾ پرفارمنس آڊٽ نه پر آڊٽ جو ذڪر آهي. نويد قمر چيو ته جيڪڏهن ڪارڪردگي ۾ خرابين سبب اربين رپين جو نقصان ٿيندو ته ان جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي. قانون واري سيڪريٽري چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي اي سي کي هدايتون جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي. حنا رباني کر چيو تجن نيپرا جي خراب ڪارڪردگيءَ جو بار سڄي معيشت برداشت ڪري رهي آهي. ڪميٽي اختيارين قومي اسيمبلي قاعدن ۾ ترميم بعد پرفارمنس آڊٽ جو اختيار آڊيٽر جنرل کي ڏئي چڪي آهي.