چيمپيئنز ٽرافي: ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 107 رنسن تان هارائي ڇڏيو

0
21
چيمپيئنز ٽرافي: ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 107 رنسن تان هارائي ڇڏيو
چيمپيئنز ٽرافي: ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 107 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 107 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پهرين کيڏندي ڏکڻ آفريڪا مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 315 رنسون ٺاهيون، ڏکڻ آفريڪا طرفان ريان رڪيلٽن 103، ٽيمبا بووما 58، رسين وين ڊر ڊسن ۽ ايڊن مارڪرم 52-52 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، افغانستان طرفان محمد نبي 2، فضل حق فاروقي، عظمت الله عمرزئي ۽ نور احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 44هين اوور ۾ 208 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، افغانستان طرفان رڳو رحمت شاهه 90 رنسن جي اننگ سان مزاحمت ڪري سگهيو، ٻين رانديگرن ۾ عظمت الله عمر زئي 18، راشد خان 18، ابراهيم زدران 17 ۽ صديق الله اتل 16 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪگيسو ربادا 3، لنگي نجدي ۽ ويان ملڊر 2، 2، جڏهن ته مارڪو جينسن ۽ ڪيشو مهراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي ريان رڪيلٽن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.