چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت نيوزيلينڊ کي هارائي ٽيون ڀيرو چيمپئن بڻجي ويو، روهت پليئر آف دي ميچ قرار

0
17
چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت نيوزيلينڊ کي هارائي ٽيون ڀيرو چيمپئن بڻجي ويو، روهت پليئر آف دي ميچ قرار
چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت نيوزيلينڊ کي هارائي ٽيون ڀيرو چيمپئن بڻجي ويو، روهت پليئر آف دي ميچ قرار

دبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، ٽاس کٽي نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنسون ٺاهي سگهي، نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 63، مائيڪل بريسويل 53، رچن رويندرا 37 ۽ گلين فلپس 34 4نسون ٺاهي نمايان رهيا، ٻين رانديگرن ۾ ول ينگ 15، ڪين وليمسن 11، ٽوم ليٿم 14، مچل سينٽنر 8 رنسون ٺاهيون، ڀارت طرفان ورن چڪرورتي ۽ ڪلديپ ياديو 2، 2، جڏهن ته محمد شامي ۽ رويندرا جديجا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ڀارت گهربل هدف 49هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو، ڀارت طرفان ڪپتان روهت شرما 76، شرياس اير 48، ڪي ايل راهول 34 ۽ شڀمن گل 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ٻين رانديگرن ۾ ويرات ڪوهلي 1، اڪشر پٽيل 29، هاردڪ پانڊيا 18 ۽ رويندرا جديجا 9 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان مچل سينٽنر ۽ مائيڪل بريسويل 2، 2، جڏهن ته ڪائيل جيميسن ۽ رچن رويندرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي روهت شرما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته چيمپئنز ٽرافي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي رچن رويندرا کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

ڀارت ٽيون ڀيرو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي

دبئي: ڀارت ٽيون ڀيرو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو فاتح بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ ڀارت 2002ع ۾ سريلنڪا سان گڏيل چيمپيئن هو جڏهن ته 2013ع ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏني هئي. واضح رهي ته اڄ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ 25 سالن کانپوءِ چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيا هئا، نيروبي ۾ کيڏيل آئي سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي ايڊيشن جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڪرس ڪن جي شاندار سينچري جي بدولت ڀارت کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

رچن رويندرا 263 رنسون ٺاهي پليئر آف دي سيريز قرار

دبئي: نيوزيلينڊ جي اوپننگ بيٽر رچن رويندرا کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو، رچن رويندرا چيمپئنز ٽرافي جي 4 ميچن ۾ 263 رنسون ٺاهيون ۽ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

روهت شرما جي اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل

دبئي: روهت شرما کي شاندار بيٽنگ پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، روهت شرما 76 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا.