ڪراچي(اسپورٽس نيوز) دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش کي هارائي ٽورنامينٽ ۾ فتح سان شروعات ڪئي. هن ڪاميابي سان ڀارت گروپ اي ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته نيوزيلينڊ رن ريٽ جي بنياد تي اڳتي آهي، نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين ميچ ۾ ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پوائنٽس ٽيبل تي بنگلاديش ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان منفي نيٽ رن ريٽ سبب آخري پوزيشن تي آهي. هينئر تائين گروپ اي جون رڳو ٻه ميچون ٿيون آهن، پر چيمپيئنز ٽرافي ۾ هر ميچ فيصلائتي حيثيت رکي ٿي. پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ نه رڳو باقي سڀ ميچون کٽڻيون پونديون، پر 23 فيبروري تي ڀارت خلاف ميچ وڏي مارجن تان کڻٽي پوندي.