لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪمل ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪندي بال آءِ سي سي جي ڪورٽ ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، پاڪستان، آءِ سي سي کان مطالبو ڪيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جو قبول ڪرڻ جوڳو فارمولو بورڊ اجلاس کان اڳ فراهم ڪيو وڃي. پي سي بي آءِ سي سي تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن نيوٽرل وينيو تي ڀارت سان ميچ کيڏڻ جو فارمولو ٺهيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت ۾ نه کيڏندو. ذريعن موجب، پنهنجو موقف واضح ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي جواب جي اوسيئڙي ۾ آهي. ياد رهي ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪري چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان ٽورنامينٽ جي ٻئي هنڌ منتقلي يا هائبرڊ ماڊل وارو فارمولو رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت هوڏ سبب آءِ سي سي اڃا تائين ميگا ايونٽ جي نئين شيڊيول جو اعلان ناهي ڪري سگهيو جنهن ڪري براڊ ڪاسٽرز به پريشان ٿي ويا آهن ڇو ته کين ڪروڙين ڊالرز نقصان جو خدشو آهي.