دبئي(اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل کان اڳ نيوزي لينڊ ٽيم کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو، اهم فاسٽ بالر ميٽ هينري جي انجري سبب فائنل ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي آهي. نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ميٽ هينري جي فائنل ۾ کيڏڻ بابت اڃا به غير يقيني واري صورتحال آهي. واضح رهي ته ميٽ هينري هلندڙ چيمپيئنز ٽرافي جو سڀ کان ڪامياب بالر آهي، جنهن 16.70 جي ايوريج سان 10 شڪار ڪيا آهن، هن 2 مارچ تي دبئي ۾ ڀارت خلاف گروپ ميچ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون هيون. ڪيوي فاسٽ بالر لاھور ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيمي فائنل دوران ڪيچ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ زخمي ٿي پيو هو، انجري باوجود هينري اننگز جي آخر ۾ 2 اوور پڻ هلايا هئا. هيڊ ڪوچ موجب، هاڪاري ڳالهه اها آهي ته هو ٻيهر بالنگ لاءِ آيو، سندس انجريءَ جو معائنو ڪيو ويو آهي، ٽيم کيس کيڏائڻ جو هر ممڪن موقعو ڏيڻ چاهي ٿي، پر هو اڃا تائين تڪليف ۾ آهي، اميد آهي ته هو فائنل تائين صحتياب ٿي ويندو. ياد رهي ته ڀارت ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل 9 مارچ تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.