راولپنڊي(اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، پهرين کيڏندي بنگلاديش جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 236 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش طرفان نجم الحسين شانتو 77، جاڪر علي 45، رشاد حسين 26 ۽ تنزيد حسن 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، نيوزيلينڊ طرفان مائيڪل بريسويل 4، ول اورورڪي 2، جڏهن ته ميٽ هينري ۽ ڪائيل جيميسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 47هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو، نيوزيلينڊ طرفان رچن رويندرا 112، ٽوم ليٿم 55، ڊيوون ڪانوي 30 ۽ گلين فلپس 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بنگلاديش طرفان تسڪين احمد، ناهيد رانا، مستفيض رحمان ۽ رشاد حسين هڪ هڪ وڪٽ روتي، بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻ تي مائيڪل بريسويل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، انهيءَ ڪاميابيءَ سان گڏ ڀارت کانپوءِ نيوزيلينڊ به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.