ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي ميچن بابت ڪرڪيٽ جي تماشائين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ايس ايس يو پوليس طرفان جاري ڪيل هدايتن موجب اسٽيڊيم سان لاڳاپيل چائنا گرائونڊ، نيشنل ڪوچنگ سينٽر ۽ ايڪسپو سينٽر گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي پارڪنگ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، اسٽيڊيم اندر وي آءِ پيز ۽ خاص پاسن وارن گاڏين لاءِ پارڪنگ رکي وئي آهي، اسٽيڊيم جي چوڌاري سڀئي رستا ٽرئفڪ لاءِ کليل رهندا، سر شاهه سليمان روڊ استعمال ڪندڙ شهري ميچ دوران ڪنهن به تڪليف کان بچڻ لاءِ متبادل رستو اختيار ڪن، صرف وي آءِ پيز ۽ اسٽيڪر/پاس وارن گاڏين کي گيٽ نمبر 8 مان اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تماشائي صرف مکيه گيٽ ۽ گيٽ نمبر 04، 05، 06، 12، 13 ۽ 14 استعمال ڪري سگهن ٿا، سڀني تماشائين کي انٽري گيٽن تي سيڪيورٽي چيڪنگ مان گذاريو ويندو، شهري ڪنهن به تڪليف کان بچڻ لاءِ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پهچن، نيشنل بينڪ اسٽيڊيم جا سڀئي دروازا ميچ شروع ٿيڻ کان 3 ڪلاڪ اڳ کوليا ويندا، اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ شهري پنهنجو اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ سان گڏ آڻين، اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ جي ڪاپي لازمي موجود هجي، آن لائن ٽڪيٽن تي اسٽيڊيم ۾ داخلا ممڪن نه هوندي، اسٽيڊيم ۽ ان جي چوڌاري هر قسم جي ڊرون ڪيمرائن جي استعمال تي پابندي هوندي.