ڪراچي(اسپورٽس نيوز) آ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع هلندڙ مهيني 19 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي، ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ جي تيارين ۾ رڌل آهن. پر بدقسمتي سان ڪجهه ٽيمن کي پنهنجن اهم ترين رانديگرن کان سواءِ ئي ميدان ۾ لهڻو پوندو. چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڪيئي رانديگر مختلف سببن، خاص طور تي انجريز سبب ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪا آهن، جن ۾ اهڙا وڏا نالا پڻ شامل آهن، جن تي سندن ٽيمون تمام گهڻو ڀاڙينديون آهن. هن رپورٽ ۾اسان اوهان کي اهڙن رانديگرن بابت ٻڌائيداسين جيڪي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ حصو نه وٺي سگهندا. نوجوان پاڪستاني بيٽر صائم ايوب ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران ڄنگهه جي انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو. پاڪستان لاءِ بيٽر جي غير موجودگي هڪ وڏو ڌچڪو آهي، ڇاڪاڻ ته هو رڳو 9 ون ڊي ميچن ۾ 3 سينچريون اسڪور ڪري ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪري چڪو هو. ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بُمرا به انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو. بُمرا کي آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي دوران چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو جنهن مان هو اڃا تائين ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو. ڀارتي ٽيم سندس کوٽ محسوس ڪند، جڏهن ته سندس جاءِ تي هرشت رانا کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ڄنگهه جي انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏي سگهندو، سندس جاءِ تي اسٽيون سمٿ کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي. آسٽريليا جو اسٽار فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ذاتي سببن جي ڪري چيمپيئنز ٽرافي تان هٿ کڻي ويو. سندس غير موجودگي آسٽريليا جي بالنگ لائن لاءِ وڏو نقصان هوندي. آسٽريليا جي ٽاپ فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ به انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ ٿي چڪو آهي، هن جي غير موجودگي ۾ آسٽريليا جو بالنگ اٽيڪ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي. چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ شامل آسٽريلوي آل راؤنڊر مارڪوس اسٽوئنس جي ون ڊي ڪرڪيٽ تان اوچتو رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي، آل رائونڊر جي اهڙي فيصلي ٽيم جي تيارين کي وڏو نقصان رسايو آهي. آسٽريليا جو ٻيو اهم آل راؤنڊر مچل مارش به فٽنس مسئلن سبب ٽورنامينٽ جو حصو نه بڻجي سگهندو. ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر اينرڪ نوڪيا به انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو، نورٽجي جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيل جيرالڊ ڪوئيٽزي به ٽريننگ دوران انجري جو شڪار ٿيو، جنهن سبب هو به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. افغانستان جو نوجوان اسپنر ايم اي غضنفر به فريڪچر سبب چيمپيئنز ٽرافي نه کيڏي سگهندو. انگلينڊ جو نوجوان آل راؤنڊر جيڪب بيٿل به هيمسٽرنگ انجري سبب ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر بين سيئرز به هيمسٽرنگ انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو. چيمپيئنز ٽرافي 2025ع انهن رانديگرن جي غير موجودگي نه رڳو سندن ٽيمن لاءِ مسئلو بڻجي سگهي ٿي، پر مجموعي طور ايونٽ جي مقابلي جي نوعيت تي به اثر وجهي سگهي ٿي.