ممبئي/لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ۾ ٽيليفونڪ رابطي جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، جئه شاهه ۽ محسن نقوي ۾ ٿيندڙ امڪاني رابطو 2025ع جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي بابت جاري غيريقيني واري صورتحال ختم ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو هوندو. رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه، آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر دبئي پهچي ويو آهي، هو آءِ سي سي جي عهديدارن سان ملاقات پڻ ڪندو جنهن ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان به مشاورت ٿيندي. ميڊيا رپورٽ موجب، پي سي بي هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي قائم آهي، جيڪڏهن ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلي ته پاڪستان، ڀارت خلاف ميچن جو بائيڪاٽ ڪندو. واضح رهي ته ڀارت، پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان سموري ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ ڪرائڻ ۽ ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.