ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اوپنر فخر زمان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ميزبان پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني. فخر زمان فيلڊنگ دوران پهرئين اوور ۾ ئي زخمي ٿي پيو، کيس ٻه ڀيرا ميدان ڇڏڻو پيو، پر علاج کانپوءِ هو ٻيهر فيلڊ تي موٽي آيو ۽ اننگز جي ختم ٿيڻ تائين فيلڊنگ جاري رکي. بيٽنگ دوران فخر زمان چوٿين نمبر تي آيو، پر ان دوران هو تڪليف محسوس ڪندو رهيو ۽ 41 بالن تي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پي سي بي جي ميڊيڪل پئنل سندس انجري جو معائنو ڪيو ۽ ان کي سنجيده قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ اوپنر چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ ٿي ويو، سليڪٽرز طرفان سندس متبادل طور امام الحق کي شامل ڪيو ويو. هاڻي فخر زمان جي ڊريسنگ روم ۾ جذباتي ٿيڻ واري هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ کيس ٿڪل قدمن سان ڊريسنگ روم ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو. ڊريسنگ روم پهچڻ تي هو پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ لڙڪ لاڙي ويٺو، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ٻين رانديگرن کيس آٿت ڏيندا رهيا.