لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان آل رائونڊر جيڪب بيٿل انجري سبب آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو. هو ڀارت خلاف ون ڊي سيريز دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿيو هو ۽ چيمپئنز ٽرافي لاءِ انگلش اسڪواڊ جو حصو هو، پر هاڻي انگلينڊ سندس جاءِ تي ٽام بينٽن کي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي، ٽام بينٽن آخري ڀيرو 2020 ۾ ون ڊي ميچ کيڏي هئي. واضح رهي ته جيڪب بيٿل چيمپئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ وارو يارهون رانديگر آهي. ان کان اڳ پاڪستان جو صائم ايوب، ڀارت جو جسپريت بمرا، افغانستان جو اي ايم غضنفر به ايونٽ مان ٻاهر ٿي چڪا آهن. ان کانسواءِ ڏکڻ آفريڪا جي اينرڪ نورٽجي ۽ جيرالڊ ڪوئٽزي، آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ، مچل اسٽارڪ، مچل مارش ۽ مارڪوس اسٽوئنس به چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ کان محروم ٿي ويا آهن. ياد رهي ته چيمپئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهي آهي.