ممبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ خراب ڪارڪردگي باوجود ڪپتان روهت شرما ڀارتي ٽيم ۾ برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ ويرات ڪوهلي به ايڪشن ۾ نظر ايندو جڏهن ته جسپريت بمرا نائب ڪپتان هوندو. ان کانسواءِ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جو انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ به اسڪواڊ ۾ شموليت جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بارڊر گواسڪر ٽرافي 3-1 تان هارائڻ جو جائزو ضرور ورتو ويندو پر ٽيم ۾ وڏي تبديلي جو ڪو امڪان نه آهي. ڀارتي بورڊ آفيشل موجب، هن وقت بي سي سي آءِ سليڪٽرز سمورو ڌيان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ هڪ مضبوط اسڪواڊ جوڙڻ تي ڏئي رهيا آهن. واضح رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 22 جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ڇهه فيبروري کان شروع ٿيندي.