ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ چيمپييئنز ٽرافي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪيويز طرفان مليل 321 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم 47.2 اوورن ۾ 260 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان خوشدل شاهه 69، بابر اعظم 64، سلمان علي آغا 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، فخر زمان 24، حارث رئوف 19، شاهين آفريدي 14، نسيم شاهه 13، سعود شڪيل 6، محمد رضوان 3 رنسون ٺاهيون. ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر، ول رورڪي 3-3، ميٽ هينري 2، مچل بريسويل ۽ نيٿن سمٿ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽام ليٿم ۽ وِل يَنگ جي سينچرين جي مدد سان پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 321 رنسن جو هدف ڏنو. نيشنل بينڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ 50 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 320 رنسون ٺاهيون. وِل يَنگ 107 رنسون ٺاهيون، ٽام ليٿم ناقابلِ شڪست 118 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته گلين فلپس به 61 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ حارث رئوف ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ابرار احمد هڪ شڪار ڪيو.
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب موقعي تي پاڪ هوائي فوج طرفان فلائي پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ويو، پاڪ هوائي فوج جي شير دل ٽيم هوا ۾ سبز هلالي جهنڊي جا رنگ وکيريندي پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪيو، ان کان سواءِ شير دل ٽيم ڀرپور پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت ڏيندي شاهين بريڪ جو به مظاهرو ڪيو، جي ايف 17، ايف 16 ۽ شير دل شاهينن سڄي قوم جو رت گرمايو، جڏهن ته جي ايف 17 ٿنڊر جهاز به فلائي پاسٽ ۾ شريڪ هو، پاڪ هوائي فوج فلائي پاسٽ ذريعي هڪ ئي وقت قوم سان گڏ بيهڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.