اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي هوڏ سبب چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ذريعن موجب،موجوده صورتحال ۾ شيڊيول جو اعلان ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ سبب معاملي تي اڳڀرائي ناهي ٿي رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪرڻ بعد پي سي بي چيئرمين پاران ڪنهن به صورت ۾ هائبرڊ ماڊل قبول ڪرڻ واري بيان آءِ سي سي جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، پي سي بي هائبرڊ ماڊل قبول نه ڪرڻ ۽ ڀارت سان ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ نه کيڏڻ واري موقف تي قائم آهي، اسٽيڪ هولڊرز نرمي ڏيکاري ته هڪ ٻن ڏينهن اندر شيڊيول جو اعلان ٿي سگهي ٿو، اسٽيڪ هولڊرز شيڊيول موجب، گڏيل اتفاق سان ايونٽ ڪرائڻ جي حق ۾ آهن. ٻئي پاسي آءِ سي سي، جئه شاهه جي عهدي سنڀالڻ کان اڳ شيڊيول واري معاملي کي اڪلائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جئه شاهه پهرين ڊسمبر تي آءِ سي سي چيئرمين جي چارج سنڀاليندو.