دبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو سڀ کان وڏو مقابلو اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندو. روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽورنامينٽ جي پنجين ميچ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جيڪا پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻه وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀارت کي لازمي هارائڻو پوندو، جنهن لاءِ پاڪستاني ٽيم سخت تياري ڪئي آهي. ماضي ۾ ٻنهي ٽيمن چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنج ڀيرا هڪ ٻئي سان مقابلو ڪيو، جتي پاڪستان ٽي ۽ ڀارت ٻه ميچون کٽيون. ذريعن موجب، اهم مقابلي لاءِ پاڪستاني ٽيم جي حتمي چونڊ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ميچ لاءِ رڳو هڪ تبديلي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف ميچ ۾ انجرڊ فخر زمان جي جاءِ تي امام الحق کي شامل ڪيو ويندو، باقي پليئنگ اليون ساڳي رهندي. واضح رهي ته نيوزيلينڊ افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ڀارت بنگلاديش کي ڇهن وڪيٽن تان هارايو هو.