لاهور (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي جي آسٽريليا ۽ افغانستان وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي، جنهن بعد آسٽريليا سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته افغانستان جي ٽيم ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي، ٽاس کٽي افغانستان پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پهرين بيٽنگ ڪندي افغانستان مقرر 50 اوورن ۾ 273 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، افغانستان طرفان صديق الله اتل 85، عظمت الله عمر زئي 67، ابراهيم زدران 22 ۽ هشمت الله شاهدي 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، آسٽريليا طرفان بين ڊوارشس 3، اسپينسر جانسن ۽ ايڊم زامپا 2، 2، جڏهن ته نيٿن ايلس ۽ گلين ميڪسويل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم 12.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهيون هيون ته برسات ميچ روڪي ڇڏي، جيڪا ٻيهر شروع نه ٿي سگهي، آسٽريليا طرفان ميٿيو شارٽ 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٽريوس هيڊ 59 ۽ اسٽيون سمٿ 19 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، افغانستان طرفان واحد وڪيٽ عظمت الله عمرزئي ورتي، اهڙيءَ ريت ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي، جنهن سبب آسٽريليا سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته افغانستان جي ٽيم ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.