راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ اڄ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ برسات سبب منسوخ ٿي وئي. ايڪسپريس نيوز موجب چيمپيئنز ٽرافي جي ستين ميچ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وڃڻي هئي، جيڪا مسلسل برسات سبب منسوخ ٿي وئي، ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو. واضح رهي ته مسلسل برسات سبب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽاس نه ٿي سگهيو هو، ميچ شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ امپائرز موسم جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٽاس اڌ ڪلاڪ دير سان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن ميچ جي منسوخي کانپوءِ گروپ بي ۾ ڏکڻ آفريڪا 3 پوائنٽس سان سرفهرست آهي جڏهن ته آسٽريليا به 3 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ آسٽريليا کي پنهنجي ايندڙ ميچ افغانستان خلاف کٽڻ لازمي آهي. ان دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو پريڪٽس سيشن راولپنڊي ۾ ٿيڻو هو پر برسات سبب اهو سيشن به ملتوي ڪرڻو پيو.