لاهور(م ڊ) آءِ سي سي چيمپئن ٽرافي جي تقريب لاهور ۾ ٿي، شاهي قلعي جي ديوان عام ۾ تقريب ۾ آءِ سي سي ۽ پي سي بي جي آفيشلز شرڪت ڪئي. جڏهن ته 2017ع ۾ چيمپئنز ٽرافي کٽيندڙ پاڪستاني ٽيم جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته 2017ع جي ونر ٽيم کي ڀليڪار چوان ٿو. هيستائين 4 ٽيمون اچي چڪيون آهن آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ٻن ڏينهن ۾ پهچنديون. عاطف اسلم ايونٽ جو آفيشل گانو ڳايو. آخر ۾ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.