دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي ميچز جي ٽڪيٽن جي وڪري تي مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي، ذريعن موجب چيمپئنز ٽرافي جي ميچن لاءِ ٽڪيٽن جو ڪرو جلد شروع ٿي ويندو، پاڪستان ۾ ميچن جي گهٽ کان گهٽ قيمت هڪ هزار رپين تائين ٿيڻ جو امڪان آهي، چيمپئنز ٽرافي جي ميچن جي ٽڪيٽ جي وڌ کان وڌ قيمت 25 هزار رپين تائين وڃڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب لاهور، ڪراچي ۽ راولپنڊي جي وينيو تي ٽڪيٽن جون قيمتون مختلف هونديون، ميچز لاءِ وي آءِ پي، پريميئم، فرسٽ ڪلاس ۽ هاسپيٽلٽي جي ڪيٽيگريز ۾ ٽڪيٽون هونديون، سيمي فائنل ميچ جي گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ 2500 رپيا رکڻ جو امڪان آهي، واضح رهي چيمپئنز ٽرافي 2025 هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ شيڊول آهي، ايونٽ جي شروعات 19 فيبروري کان ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ سان ٿيندي.