لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ آءِ سي سي اختيارين سان ملاقات ڪري چيمپيئنز ٽرافي بابت پاڪستان جو موقف ورجائيندي واضح ڪيو آهي ته ميگا ايونٽ لاءِ ڪو به هائبرڊ ماڊل قبول ناهي، جيڪڏهن ان کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن آهي ته پيش ڪيو وڃي. ميڊيا رپورٽس موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي گذريل ڏينهن دبئي ويو جتي هن آءِ سي سي هيڊ ڪوارٽر ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي آءِ سي سي اختيارين سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي، پي سي بي چيئرمين، آءِ سي سي، سي ايِ او چيف ايلاڊائز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته لاهور ۾ پي سي بي اعليٰ اختياريون سندس دبئي روانگي کان اڻڄاڻ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي آءِ سي سي اختيارين آڏو پاڪستان جو مضبوط موقف پيش ڪيو ۽ چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان پاڪستان جي قانوني پوزيشن به واضح ڪئي. ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين اڄ دبئي ۾ آءِ سي سي بورڊ اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي دبئي مان جوائن ڪندو.