ممبئي (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي بابت پي سي بي جون شرطون قبول ڪرڻ تي ڀارتي ميڊيا پنهنجي ئي ڪرڪيٽ بورڊ ڏمرجي پئي. ڀارتي ميڊيا نه صرف بي سي سي آءِ کي پي سي بي جون شرطون تسليم ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر ڀارتي ميڊيا کي آءِ سي سي طرفان پاڪستان جي تجويز ڪيل ٽه ملڪي سيريز تي اعتراض پڻ پسند نه آيو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ هو ته آءِ سي سي ڪير ٿيندو آهي جيڪو پڌرائي ۾ ٽه ملڪي سيريز جي ڳالهه ڪري، آءِ سي سي ڪيئن لکي سگهي ٿو ته ان کي اعتراض ناهي، هي بورڊز تي دارومدار رکي ٿو، ٽه ملڪي سيريز آءِ سي سي جي دائري ۾ نٿي اچي. ڀارتي ميڊيا موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اُهو مطالبو ڪيو جيڪو ڀارتي سرڪار جي خلاف آهي، جڏهن ڀارت گڏيل سيريز نٿو کيڏي ته اهو ڪيئن تسليم ڪيو ويو، جيڪڏهن ڀارتي حڪومت جو موقف تبديل ناهي ٿيو ته پوءِ ڀارتي بورڊ ڇو ان جو خيال نه رکيو، اسان جو سوال آهي ته ايترا سال گڏجي کيڏڻ کان ڇو انڪار ڪيو ويو؟ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي لاءِ ضروري نه هو ته جيڪو پاڪستان چيو، ان کي پڌرائيءَ جو حصو بڻايو وڃي، چيمپيئنز ٽرافي معاملي جي حل ۾ پاڪستان خالي هٿين ناهي موٽيو.