لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو امڪاني شيڊيول سامهون اچي ويو.شيڊيول موجب، ٽورنامينٽ جي پهرئين ميچ 19 فيبروري تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ-ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي نيوٽرل وينيو تي ٿيندو. ذريعن موجب، نيوٽرل وينيو لاءِ دبئي جو نالو سامهون آيو آهي، ايونٽ جي شروعات کان اڳ ڇهن ڏينهن جو سپورٽ پيريڊ رکيو ويو آهي، 12 کان 18 فيبروري جي سپورٽ پيريڊ دوران ٽيمن جي آمد ۽ پريڪٽس وغيرا شامل آهي. ان کان اڳ خبرون سامهون آيون هيون ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي نيوٽرل وينيو بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان معاملا طئه ٿي ويا آهن ۽ امڪاني طور دبئي نيوٽرل وينيو هوندو جنهن جو باضابطا اعلان تمام جلد ڪيو ويندو.