اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان ملڪ جي چيمبر آف ڪامرس جي صدرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ملڪي معيشيت، نجي شعبي جي ڀائيواري ۽ اقتصادي پاليسين تي خيالن جو اظهار ڪيو. وزير اعظم چيو  ته “معرڪه حق” ۾ ڪاميابي کانپوءِ هاڻ معاشي ميدان ۾ تاريخي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ قوم پرعزم آهي. حڪومت ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري سان پاڪستان انشاءَ الله جلد عالمي معاشي طاقت طور اڀرندو، نجي شعبي کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، واپارين جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته ڪاروبار جي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ “آسان ڪاروبار” واري پاليسي تي عمدرآمد ڪيو پيو وڃي. ڪاروباري قرضن تائين رسائي آسان بنائڻ ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. ٽيڪس چوري ناقابل قبول قرار ڏيندي ان جي روڪٿام لاءِ سخت قدم ورتا پيا وڃن. چيمبر آف ڪامرس جي وفد پاران “معرڪه حق” ۾ ڪاميابي تي وزيراعظم ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وفد  ايف بي آر ۾ ڪيل سڌارن جي تعريف ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ بزنس فرينڊلي بڻائڻ جي تجويز پيش ڪئي. ايندڙ مالي سال لاءِ وفد پنهنجي بجيٽ تجويزون پيش ڪيون.