لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽيمن جي چيمپيئنز ٽرافي جي سفر جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فائنلسٽ ٽيم نيوزيلينڊ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ سڀ کان وڌيڪ سفر ڪيو، جنهن پنهنجي ميچن لاءِ 7 هزار 48 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو. فائنل کان اڳ نيوزيلينڊ ڪراچي، راولپنڊي، دبئي، لاهور ۽ پوءِ دبئي جو دورو ڪيو، ٻئي فائنلسٽ ڀارت هئي ۽ سموريون ميچون دبئي ۾ کيڏيون ويون. ميڊيا رپورٽ موجب انگلينڊ سموريون ميچون پاڪستان ۾ کيڏيون، انگلينڊ جو سفر 1020 ڪلوميٽر هو، دبئي، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ميچن لاءِ ميزبان پاڪستاني ٽيم 3133 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو. ان کان علاوه افغانستان 1200 ڪلوميٽر جو سفر ڪندي پهرين ميچ ڪراچي ۽ ٻه ميچ لاهور ۾ کيڏيا. بنگلاديش دبئي کان سفر جي شروعات ڪئي، راولپنڊي ۾ ٻه ميچون کيڏيون، ٻنهي ميچن لاءِ بنگلاديش ٽيم 1 هزار 53 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو. آسٽريليا لاهور، راولپنڊي ۽ دبئي ۾ ميچن لاءِ 2509 ڪلوميٽر سفر ڪيو، ڏکڻ آفريڪا چئن ميچن لاءِ 5 اڏامون ورتيون ۽ 3286 ڪلوميٽر سفر ڪيو.