چيلھار (ن پ ا) چيلھار لڳ ڳوٺ جنجھيئر ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول هريجن ڪالوني ۾ بنيادي سھولتن جي اڻھوند، ان ڏس ۾ اسڪول ۾ فرنيچر بنه هئڻ سبب شاگردياڻيون پٽ تي ويھي پڙھڻ تي مجبور بڻيل آهن، شاگردياڻين موجب ته اسان کي هن سال ڪتاب به نه مليا آهن، اسڪول ۾ سهولتون نه هجڻ سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، سهولتون فراهم ڪيون وڃن.