چيلهار ( رپورٽر) چيلهار سميت ٿرپارڪر جي اڪثر شهرن ۾ منافعي خور مافيائن فصلن جا اگھه هٿ ٺوڪيا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڏينھن رات محنت ڪري نٽهڻ اُس ۾ پگهر وهائي خوشحالي جا خواب ڏسندڙ هاري هن وقت سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، ان ڏس ۾ هارين، رميش ڪمار، کيتو مل، ڏيالداس ۽ ٻين چيو ته ضرورت موجب ۽ وقت سر برساتون نه پوڻ ڪري فصل اهي لهي ناهن سگهيا جنهن جي توقع هئي جڏهن هاڻي فصل لهي مارڪيٽ ۾ آيو آهي ته منافعي خور مافيائن پاران اگھه جيڪي آهن اهي هٿ ٺوڪيا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري چار مهينا سمورن گهر ڀاتين سميت ٻنين تي وقت ڏيندڙ اسان هاري ماڻھو هن وقت شديد مشڪلاتن جو شڪار آهيون، ضلعي انتظاميا واپارين کان فصلن جي اگهن بابت پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ تي ئي واپاري پنهنجي هيڪل هٽي تي قائم آهن، جنهن ڪري اسان هاري پورهيت هن وقت سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، انهن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سميت ٻين واسطيدار ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته واپارين جي هيڪل هٽي جو نوٽيس وٺي فصلن جا مناسب اگھه مقرر ڪري ٿر جي مسڪين هارين سان ٿيندڙ نسوري ظلم کي جلد کان جلد ٻنجو ڏنو وڃي.