مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) چيلهار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورلي ڀيل ۾ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم غير شادي شده 22 سالن جي ناري سان ٻن جوابدارن پاران  اجتماعي  ڏاڍائي بعد حمل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.  ان ڏس ۾ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ناري کي جوابدارن پاران مختلف وقتن تي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ سبب کيس حمل ٿي ويو، چيلهار اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي پاران ناري سان ڏاڍائي ۽ کيس حمل هجڻ جي تصديق ڪرڻ باوجود چيلهار پوليس وارثن جي درخواست تي جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي. الزام هيٺ آيل جوابدارن مان هڪ جوابدار صحت کاتي جو ملازم ٻڌايو پيو وڃي جيڪو اڳ ۾ اهڙن واقعن ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن بعد ناري جي ڀاءُ پهلاج ڀيل جوابدارن جي نشاندهي ڪندي سندن خلاف ڪارروائي ۽ انصاف لاءِ مٺي جي عدالت ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي الڳ الڳ درخواستون ڏيئي ڇڏيون جنهن موقف اختيار ڪيو آھي ته منهنجي ڀيڻ لالي ڀيل ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ۽ ذھني مريض آھي جنهن کي جوابدارن ڀيرو ۽ ڀاڻجي ڀيل اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو جنهن سبب کيس حمل ٿي ويو، چيلهار پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته انتهائي غريب ۽ پورهيت آھيون اسان سان ظلم ٿيو، ڀيڻ سان ڏاڍائي ۽ حمل هجڻ جي ڊاڪٽرياڻين تصديق پڻ ڪئي آھي، اسانکي جوابدارن پاران ڌمڪايو ۽ هيسايو پيو وڃي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.