ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار پاران لڳايل بچت بازارن کان عوام بي خبر، ڪراچي ۾ لڳايل بچت بازارن ۾ چيف سيڪريٽري جي دوري دوران بچت بازارون ويران ، چيف سيڪريٽري پاران ڊي سي سائوٿ تي ڪاوڙ جو اظهار، عوام کي بچت بازارن بابت آگاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪلفٽن ۽ ٻين هنڌن تي لڳل سرڪاري بچت بازارن جو دورو ڪيو،  چيف سيڪريٽري جي دوري دوران بچت بازارن ۾ شهري موجود ئي نه هئا، جڏهن ته بازارون ويران نظر اچي رهيون هيون، جنهن تي چيف سيڪريٽري اتي موجود ڊي سي سائوٿ سعيد لغاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس سختي سان هدايت ڪئي ته توهان عوام کي  بچت بازارن  بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهيو، عوام کي آگاهي ڏيو چيف سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت تائين رڳو ڪراچي ۾ منافعي خورن کان هڪ ڪروڙ  ۽ حيدرآباد ۾ 50 لک رپيا ڏنڊ اوڳاڙيو آهي ، هن چيو ته اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته بچت بازارن ۾ اٽي جي مقدار ۾ اضافو ڪيو وڃي،