چيف سيڪريٽري بلوچستان جي ميٽنگ دوران ڪوئو ڪيڪ کائيندو رھيو

0
271
چيف سيڪريٽري بلوچستان جي

ڪراچي:چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي جي ميٽنگ دوران ڪوئو ميز تي رکيل ڪيڪ جو مزو وٺندو رهيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي

خميس تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي  کي ميٽنگ ۾ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عبدالعزيز عقيلي ڳالھ ٻولھ ۾ مصروف آهي جڏهن ته ڪوئو ڪيڪ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي، ڪوئو عبدالعزيز عقيلي جي سامهون پليٽ تي رکيل فروٽ ڪيڪ کائي رهيو هو

اها وڊيو جڏهن سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي وئي ته صارفين جي توجه جو مرڪز بڻجي وئي ۽ ماڻهن ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا آھن