اسلام آباد: چيف جسٽس پنهنجي ڪيريئر جو آخري فيصلو ٻڌائي سپريم ڪورٽ کان روانو ٿي ويو، جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ فوري طور عدالتي عملي سان الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ هو سپريم ڪورٽ کان روانو ٿي ويو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ ۾ آخري ڏينهن جي ڪارروائي مڪمل ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي اڄ عهدي تان رٽائر ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايندڙ چيف جسٽس هوندو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور عهدي جو حلف آچر تي کڻندو.