اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري عطا تارڙ چيف جسٽس تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي سس جي آڊيو ليڪس ڪيس ۾ سڀ کان وڏو جوڊيشل اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي، عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ انصاف، قانون، آئين جي گهرج آهي ته ڪنهن شخص جو ڪيس لڳي ته ان جو رشتيدار جج ڪيس نه ٻڌي، جج پاڻ ئي رشتيدارن جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن، آڊيو ليڪس تي پنج رڪني بينچ جو فيصلو ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مبينه آڊيو آهي، هي ڪٿان جو انصاف آهي ته توهان پنهنجي سس جي آڊيو جو ڪيس ٻڌو، هي جاچ ته ڪميشن کي ڪرڻي هئي ته آڊيو اصلي هئي يا جعلي، هن چيو ته توهان وڃڻ کان پهرين پنهنجي سس جي ڪيس جو فيصلو ڪرڻ چاهيو ٿا، هڪ ٻيو جج جنهن جي پرويز الاهي سان گڏ آڊيو ليڪ ٿي اهو به بينچ ۾ موجود آهي، ڪيس آڊيو ليڪس جو هو ڳالهه توهان چونڊن جي ڪندا رهيا، ججن کي بينچ کان عليحده ٿيڻ جي درخواست کي توهان توهين عدالت قرار ڏنو، هن چيو ته توهان لا کي قربان ڪري مدر ان لا کي بچايو آهي، عطا تارڙ چيو ته جج اچڻا وڃڻا آهن، مون کي توهين عدالت کان ڊپ نه ٿو لڳي، اظهار راءِ تي ڪو به راتاهو هڻي نه ٿو سگهي.