اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي انتظاميا  خلاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدر، چيئرمين ايچ اي سي ۽ وفاقي تعليم واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو. خط جي ڪاپي چيف جسٽس شرعي ڪورٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميا ڏانهن به اماڻي. چيف جسٽس وائيس پريزيڊنٽ نبي بخش جماڻي جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ چيو آهي ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي بدانتظامي سبب عالمي معيار وڃائي چڪي آهي. سالن کان جاري بدانتظامي سبب يونيورسٽي ۾ اسلامي قدر به ختم ٿي چڪا آهن. منهنجي درخواست تي 3 سالن کان پوءِ صدر عارف علوي 30 نومبر تي بورڊ ميمبرز جو اجلاس گهرائڻ جو چيو. چيف جسٽس خط ۾ چيو آهي ته وائيس پريزيڊنٽ نبي بخش جماڻي منهنجي 2 خطن جو جواب به نه ڏنو آهي. 22 سيپٽمبر ۽ 13 آڪٽوبر تي يونيورسٽي انتظاميا بابت خطن جو اڃا تائين جواب نه ڏنو ويو آهي. خطن جو جواب نه ڏيڻ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته وائيس پريزيڊنٽ غلط ڪمن تي پردو وجهڻ چاهي ٿو. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نبي بخش جماڻي جي مقرري 3 سالن لاءِ هئي پر هو اڃا تائين عهدي تي ويٺل آهي. بورڊ آف ٽرسٽيز جو اجلاس گهرائي يونيورسٽي جي انتظامي معاملن جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾  وائيس پريزيڊنٽ جي مقرري ۽ منهنجي خطن کي به سامهون رکيو وڃي.